سانگهڙ ۾ جوابدارن گهر تي حملو ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد ناري کي زخمي ڪري ڇڏيو

Civil-Hospital-Sanghar-30716

سانگهڙ ۾ جوابدارن گهر تي حملو ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد ناري کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

 چڪ نمبر 10 ۾ هٿيار بندن گهر تي حملو ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان شهزاد کوکر کي گوليون هڻڻ بعد ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو.

هٿيار بندن فائرنگ ڪري پرڻو ڪندڙ ناري لبنا کي به زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي ناري کي  اسپتال منتقل ڪيو، جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان شهزاد کوکر ۽ ناري لبنا 2 مهينا اڳ گهران نڪرڻ بعد پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن ڪري  هٿيار بندن حملو ڪيو آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*