بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ جي يو آءِ ميمبر عبدالرحمان کيٿران سيڪريٽريز جي ايوان ۾ نه اچڻ تي احتجاج طور فرش تي ويهي رهيو

Balochistan-Assembly-30716

بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ جي يو آءِ ميمبر عبدالرحمان کيٿران سيڪريٽريز جي ايوان ۾ نه اچڻ تي احتجاج طور فرش تي ويهي رهيو، اسپيڪر جو چوڻ آهي ته سمورن کاتن جي سيڪريٽريز کي گهرايو ويندو.

بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راحيلا دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ سيڪريٽريز جي غير حاضري تي جي يو آءِ ف جي ميمبر عبدالرحمان کيٿران احتجاج ڪيو ۽ احتجاج طور فرش تي ويهي رهيو.

عبدالرحمان کيٿران چيو ته ايوان ۾ طلب ڪرڻ باوجود صوبائي سيڪريٽري ايوان ۾ نٿا اچن، بيورو ڪريسي ايوان کي اهميت ئي نٿي ڏئي، ان ڪري هو فرش تي ويهي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي.

اسپيڪر راحيلا دراني سردار عبدالرحمان کيٿران کي خاطري ڪرائي ته سمورن کاتن جي سيڪريٽريز کي گهرايو ويندو، جيڪو به ڪامورو ايوان ۾ نه آيو ان خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي ويندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*