ملتان جي عدالت قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار حق نواز جي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

Qandeel-Baloch-30716

ملتان جي عدالت قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار حق نواز جي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مفتي عبدالقوي پوليس پاران موڪليل 12 سوالن جا جواب اماڻي ڇڏيا آهن.

قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار حق نواز جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ٿي.

حق نواز جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس مئوڪل جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي هئي، ان ڪري پڪي ضمانت به منظور ڪئي وڃي.

 پوليس عدالت کي ٻڌايو ته حق نواز کان قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ جاچ جاري آهي، تنهن ڪري ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي.

عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدار حق نواز جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

قنديل بلوچ کي قتل ڪندڙ جوابدار وسيم الزام هنيو هو ته هن حق نواز سان گڏجي ماڊل کي قتل ڪيو هو.

هوڏانهن مفتي عبدالقوي پوليس پاران موڪليل سوالناما جو جواب اماڻيندي چيو آهي ته قنديل بلوچ سان سندس پهرين ملاقات ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل ۾ ٿي هئي ۽ 22 جون تي آخري رابطو ٿيو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*