سنڌ سرڪار رينجرز جي مقرري ۽ پوليسنگ وارن اختيارن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

Cm-Murad-Ali-Shah-Meeting-30716

سنڌ سرڪار رينجرز جي مقرري ۽ پوليسنگ وارن اختيارن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه رينجرز جي مقرري واري مدي ۾ هڪ سال ۽ پوليسنگ جي اختيارن ۾ 3 مهينن جي واڌ وارين سمرين تي صحيحون ڪري ڇڏيون، رينجرز دهشتگردي، ڀتاخوري، ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم خلاف ڪارروايون ڪري سگهندي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي آفيس ۾ ويهڻ کانپوءِ رينجرز جي مقرري ۽ پوليسنگ اختيارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رينجرز جي مقرري وارن اختيارن ۾ هڪ سال ۽ پوليسنگ اختيارن ۾ ٽن مهينن جي واڌ وارين ٻنهي سمرين تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب رينجرز کي مليل پوليسنگ اختيار رڳو ڪراچي تائين هوندا، دهشتگردي، ڀتاخوري، ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم خلاف ڪارروايون ڪندي.

رينجرز جي مقرري وارو مدو 15 جون ۽ پوليسنگ اختيارن وارو مدو 19 جون تي ختم ٿي ويو هو، جنهن سبب ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن متاثر ٿي رهيو هو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*