سيريز جي ٽين ۽ اهم ٽِيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي,قومي ٽِيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق

Misbah-ul-haq-30716

قومي ٽِيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته سيريز جي ٽين ۽ اهم ٽِيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي.

پاڪستان ۽ ورسٽرشائر ڪائونٽي وچ ۾ٻن ڏينهن تي ٻڌل پريڪٽس ميچ جاري آهي.

پهرين ڏينهن قومي ٽيم 3 وڪيٽن جي نقصان تي 361رنز ٺاهي اننگ ڊڪلئير ڪري ڇڏي.

قويم ٽيم پاران اظهر علي 81،شان مسعود 67رنز ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿيا،جڏهن ته محمد رضوان 49۽ افتخار احمد 41رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا.

قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ٻي ٽِيسٽ ۾ مجموعي طور تي ٽيم ٽنهي شعبن ۾ ناڪام رهي ،جنهن سبب ٽيم کي شڪست ملي.

هن وڌيڪ چيو ته سيريزجي ٽِين ۽ اهم ميچ ۾ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*