مٺي پوليس دهشتگرد هئڻ جي الزام هيٺ قبائلي علائقن سان واسطو رکندڙ 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

مٺي پوليس دهشتگرد  هئڻ  جي الزام هيٺ قبائلي علائقن ۽ اٽڪ سان واسطو رکندڙ 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ٿيلن جو چوڻ آهي ته هو ٽيوب ويلن تي ڪم ڪندڙ پورهيت آهن.

مٺي پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ڇاپو هڻي 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، جن جو واسطو قبائلي علائقي ڪرڪ ۽ اٽڪ سان آهي.

مٺي پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار ڪيلن مان 5 ڄڻن جي ڪرڪ واسي زيب الله، واحد الله، عزيز الله، راشد محمود ۽ فرمان الله طور سڃاڻپ ٿي آهي، جڏهن ته ٻن ڄڻن شوڪت ۽ اقبال جو واسطو اٽڪ سان آهي.

مٺي پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار  ٿيلن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته گرفتار ٿيلن جو چوڻ آهي ته هو ٽيوب ويلن تي ڪم ڪندڙ پورهيت آهن، کين بنا جواز گرفتار ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*