ڪئنڊا جي شهر ٽورينٽو ۾ جاري ٽينس ٽورنامنٽ جي ڪوارٽر فائنلز ۾ سربيا سان تعلق رکندڙ عالمي نمبر هڪ نوواڪ جوڪووچ ۽فرانس جو گائل مونفلز ڪاميابي حاصل ڪري سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

TENNIS-MEN-TORONTO--UPDATE-30716

ڪئنڊا جي شهر ٽورينٽو ۾ جاري ٽينس ٽورنامنٽ جي ڪوارٽر فائنلز  ۾ سربيا سان تعلق رکندڙ عالمي نمبر هڪ نوواڪ جوڪووچ ۽فرانس جو گائل مونفلز ڪاميابي حاصل ڪري سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ڪئنڊا جي شهر ٽورينٽو ۾ جاري ٽينس ٽورنامنٽ جي پهرين ڪواٽر فائنل ۾ فرانس جي ٽينس رانديگر گائل مونفلز ميزبان ملڪ جي مائلوز رونڪ کي ڇهه-چار۽ڇهه-چار تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو.

ايونٽ جي ٻي ڪوارٽر فائنل ۾ سربيا جي نوواڪ جوڪووچ هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد چيڪ ريپبلڪ جي ٽامس برڊچ کي ست-ڇهه۽ڇهه-چار تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

ٻين ميچز ۾ جاپان جي ڪي نشيڪوري ۽سوئيٽزرلينڊجي اسٽيني سلازوورناڪ کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*