سنڌ ۾ تبديلي پيپلزپارٽي جو پنهنجو فيصلو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق

ayaz-sadiq

 قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سنڌ ۾ تبديلي پيپلزپارٽي جو پنهنجو فيصلو آهي، جمهوريت ۾ سڀني کي احتجاج جو حق آهي پر جيڪڏهن حڪومت ڪيرائڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو ته اهي زمانا گذري ويا.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ترقي واري رستي ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ دهشتگرد جي واقعن ۾ واضح گهٽتائي اچي رهي آهي.
هـُن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ جمهوريت پسند ماڻهو ويٺل آهن، اهي استعيفيٰ نه ڏيندا، جمهوريت ۾ احتجاج سڀني جو حق آهي پر حڪومت ڪيرائڻ واري نيت سان احتجاج ٿيو ته اهي زمان گذري ويا آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ اياز صادق چيو ته مسلم ليگ نون ۾ ڪو به فاروڊ بلاڪ نه آهي، ان حوالي سان خبرون بي بنياد آهن.
سنڌ ۾ وڏ وزارت جي تبديلي بابت سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته سنڌ ۾ تبديلي پيپلزپارٽي جو پنهنجو فيصلو آهي، وفاق صوبائي حڪومت سان هر ممڪن سهڪار ڪري رهيو آهي.
اياز صادق وڌيڪ چيو ته سموريون سياسي پارٽيون چاهين ٿيون ته ٽي او آر تي اتفاق راءِ سان فيصلو ٿئي، معاملي تي اعتزاز احسن ۽ شيرين مزاري سان ڳالهايو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*