خانپورمهر ۾ جسقم پاران امن ريلي ڪڍي ويئي،دهشگردي مردا آباد جا نعرا

Khanpur-mahar-Relly-30716

خانپورمهر ۾ جسقم پاران امن ريلي ڪڍي ويئي،دهشگردي مردا آباد جا نعرا، خبرموجب خانپورمهر ۾ جسقم خانڳڙهه پاران دودو ديشي ، نوشاد ملاح ،منٺار چنا، غلام علي ميراڻي ، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ، ڊاڪٽر پون ڪمار ، ڊاڪٽر نامديو،ڊاڪٽر وشن ، ڊاڪٽر عبدالرزاق جنجوءَ ،ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌو چوڪ کان تعلقي پريس ڪلب خانپورمهر تائين شاندار ريلي ڪڍي ويئي ،

ريلي شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر هئا جن تي دهشتگردي مرڊا آباد جا نعرا ليکل هئا .ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شهرين به شرڪت ڪئي ريلي مختلف رستن کان ٿيندي پنج گلي چوڪ تي پهتي جتي اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي جيڪي اسان کي پاڻ ۾  امن ۽ محبت جو درس ڏيئي ، جتي ڪابه دهشتگردي برادش نه ڪئي ويندي هتي جا هندو ۽ توڙي مسلمان هڪ سنڌي قوم آهن جنهن جو سڌين هڪ رشتو آهي جيڪو قائم رهندو .اسان دهشتگردي کي گڏجي ناڪام بڻائينداسين .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*