اسٽيٽ بئنڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو

State-Bank--Govn-30716

اسٽيٽ بئنڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو، گذريل سال دوران مني مارڪيٽ دٻاءُ هيٺ رهي، آزاد مانيٽري پاليسي جا فائدا آهستي آهستي سامهون اچي رهيا آهن.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اشرف محمود ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻن مهينن لاءِ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو آهي.

هن چيو ته گذريل مالي سان دوران مني مارڪيٽ دٻاءَ هيٺ رهي، حڪومت جي مثبت پاليسين سبب 2016ع دوران معيشت ۾ بهتري آئي آهي، جنهن سان ناڻي جي واڌ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي.

اشرف محمود چيو ته آزاد مانيٽري پاليسي جا فائدا آهستي آهستي سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزيءَ جو رجحان آهي.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جووڌيڪ چوڻ هو ته بنيادي ضرورت وارين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 5 ڏهائي 75 سيڪڙو برقرار رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*