سينيٽ چيئرمين رضا رباني سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي

Raza-Rabani-Murad-Ali-Shah-30716

وڏي وزير مراد علي شاهه پهرئين ڏينهن ئي ڪامورن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته “رائيٽ مين ۽ رائيٽ جاب” سندس پاليسي آهي، آفيسر پابندي سان ڊيوٽي ڪري عوام جي خدمت ڪن، عوامي خدمت ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صبح نائين وڳي سي ايم هائوس ۾ پنهنجي آفيس پهتو ته پوليس پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ سمورن سيڪريٽريز جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڪامورن کاتن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي.

وڏي وزير ڪامورن کي خبردار ڪندي چيو ته رائيٽ مين ۽ رائِيٽ جاب سندس پاليسي آهي، ترقياتي ڪمن جو وقت سر مڪمل نه ٿيڻ سندس ڊڪشنري ۾ نه آهي.

هن چيو ته سمورا سيڪريٽريز سندس ٻانهون آهن، آفيسر پابندي سان ڊيوٽي ڪن ۽ ڪارونهوار اڳتي وڌائي عوام جي خدمت کي يقيني بڻائين.

چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا پڻ وڏي وزير سان ملاقات ڪري ڪارڪردگي رپورٽ ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني سيد مراد علي شاهه کي وڏ وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه به ڪئي.

وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ ڳڙهي خدابخش پهچندو، جتي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀريندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*