لاڙڪاڻي ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل رينجرز اهلڪار جي رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ جنازي نماز ادا ڪئي پئي وڃي

Larkana-Rangers-Attacks-30716

لاڙڪاڻي ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل رينجرز اهلڪار جي رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ جنازي نماز ادا ڪئي پئي وڃي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري صورتحال جو  جائزو ورتو آهي، جڏهن ته پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

ميرو خان چوڪ تي ڌماڪن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل رينجرز اهلڪار شاهد سيال جو مڙهه پوسٽ بعد رينجرز هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمي ٽن اهلڪارن جو چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر لاڙڪاڻي پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ چانڊڪا اسپتال پهچي زخمي ٿيل رينجرز اهلڪارن سان عيادت ڪئي.

ميجر جنرل بلال اڪبر جي صدارت هيٺ  رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ گڏجاڻي دوران عملدارن پاران ڊي جي رينجرز کي واقعي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رينجرز تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي جوابدار فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*