ترڪ صدر طيب اردغان سندس توهين ڪندڙن خلاف داخل ڪيس واپس وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ترڪي تي تنقيد ڪندڙ اولهه جا ملڪ پنهنجي ڪم سان ڪم رکن

turkey-president-Tayyab-30716

ترڪ صدر طيب اردغان سندس توهين ڪندڙن خلاف داخل ڪيس واپس وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ترڪي تي تنقيد ڪندڙ اولهه جا ملڪ پنهنجي ڪم سان ڪم رکن.

انقره ۾ فوجي بغاوت جي ڪوشش جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردغان چيو ته بغاوت جي نتيجي ۾ مارجي ويلن تي ترڪي سان ڪنهن به تعزيت ناهي ڪئي ۽ نه ئي يورپي يونين ۽ اولهه ملڪن ان بابت ڳالهايو آهي.

ترڪ صدر چيو ته ڪنهن کي به ترڪي کي مشورو ڏيڻ جي ضرورت ناهي، بغاوت کانپوءِ شروع ڪيل ڪريڪ ڊائون تي تنقيد ڪرڻ بدران اولهه ملڪن کي پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ گهرجي.

رجب طيب اردگان چيو ته هـُو ترڪي جي ماڻهن جي زندگي ۽ انهن جي مستقبل لاءِ پريشان نه آهي، پر باغين جي قمست جي ڪري پريشان ضرور آهيان، ڇو ته اهي اسان جا دوست نه آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*