اڳوڻي صدر آصف زرداري روهڙي ڪينال ۽ نارا ڪينال تي ٻن هائيڊرو پاور پروجيڪٽس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

اڳوڻي صدر آصف زرداري روهڙي ڪينال ۽ نارا ڪينال تي ٻن هائيڊرو پاور پروجيڪٽس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، ٻئي پاور پروجيڪٽس 10 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندا.

اڳوڻي صدر آصف زرداري سنڌ حڪومت جي توانائي واري کاتي پاران روهڙي ڪينال جي آر ڊي 26 ۽ نارا ڪينال جي آر ڊي 15 تي لڳايل ٻن هائيڊرو پاور پروجيڪٽس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو.

وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ بختاور ڀٽو به آصف زرداري سان گڏ هئا، ان موقعي تي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

سنڌ سرڪار پاران 10 ارب رپين جي لاڳت سان ٻئي هائيڊرو پاور پروجيڪٽ تيار ڪيا پيا وڃن، جن مان مجموئي طور 25 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*