قمبر ۾ پوليس جي ميبنا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو

kamber-Police-against-Protest--30716

قمبر ۾ پوليس جي ميبنا زيادتين خلاف  ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته نوشهرو فيروز ۾ بد امني خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

قمبر  پوليس جي مبينا زيادتين خلاف امام بارگاهه محلي جي رهواسين عبدالنبي مگسي، اڪبر مگسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ  بنا جواز سندن گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي هزارين روپين جو سامان کڻي وئي هئي.

هنن چيو ته پوليس خلاف اعليٰ اختيارن کي شڪايت ڪئي وئي پر ڪنهن به معاملي جو نوٽيس نه ورتو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سندن ڦر ڪيل سامان واپس ڏياريو وڃي.

هوڏانهن نوشهرو فيروز ۾ بد امني خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران مهر وستڙو، خادم سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته شهر ۾ ڦريون ۽ چوريون  معمول بڻيل آهن، پر پوليس هٿ تي هٿ رکي ويٺي آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران انهن جي ساٿاري بڻيل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجا ج جو دائرو وڌايو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*