امريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته هليري ڪلنٽن جي صدارتي مهم ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي تي هڪ وڏو سائبر حملو ڪيو ويو آهي

Hillary-Clinton-and-Donald-Trump-30716

امريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته هليري ڪلنٽن جي صدارتي مهم ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي تي هڪ وڏو سائبر حملو ڪيو ويو آهي، امريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته ان سائبر حملن پٺيان روسي حڪومت لاءِ ڪم ڪندڙ ايجنٽن جو هٿ آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، هليري ڪلنٽن جي مهم هلائيندڙن پاران جيڪي تجزياتي ڊيٽا لاڳاپيل ادارن سان شيئر ڪئي وئي هئي، انهن تائين هيڪرز پهچ ڪري ورتي آهي.

هليري ڪلنٽن جي پريس سيڪريٽري نـِڪ ميرل جو چوڻ آهي ته هليري ڪلنٽن جي اندروني سسٽم حملي جو شڪار هئڻ بابت ڪي به شاهديون نه مليون آهن.

ايف بي آءِ جو چوڻ آهي ته هيڪنگ وارن الزامن جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن هيڪنگ ٿي آهي ته ڪيتري حد تائين ٿي آهي.

امريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته سائبر حملن پٺيان روسي حڪومت لاءِ حملو ڪندڙ ايجنٽن جو هٿ آهي، جڏهن ته روس اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*