ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردي واري ڪيس ۾ شاهدي لاءِ مسلسل غير حاضر رهڻ تي جناح اسپتال جي ايم ايل او جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

atc-11-8

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردي واري ڪيس ۾ شاهدي لاءِ مسلسل غير حاضر رهڻ تي جناح اسپتال جي ايم ايل او جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دهشتگردي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ شاهد طور جناح اسپتال جو ايم ايل او ڊاڪٽر جڳديش اڄ به پيش نه ٿيو.

عدالت ڊاڪٽر جڳديش جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت حڪم ڏنو ته جوابدار کي گرفتار ڪري 6 آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*