ڪراچي جي لانڍي ۽ سهراب ڳوٺ وارن علائقن ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، لياري ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

karachimap

ڪراچي جي لانڍي ۽ سهراب ڳوٺ وارن علائقن ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، لياري ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

لانڍي جي دائود چورنگي واري علائقي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو.

ايس ايس پي رائو انوار موجب ذاتي دشمني جي بنياد تي جوابدار جي فائرنگ ۾پوليس اهلڪار مارجي ويو.

سهراب ڳوٺ جي انڊس پلازه اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

لياري جي چاڪيواڙه واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*