لياري جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري گينگ وار جي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي

Lyari-Police-1816

لياري جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري گينگ وار جي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدارن مان ذاڪر ڏاڏا جو تعلق بابا لاڏلا گروپ سان آهي ۽ نادر ڏاڏا گبول پارڪ مان نيٽ ورڪ هلائيندو هو.

پوليس موجب سنگولين، شاهه بيگ لين ۽ گبول پاڙي ۾ سرچ آپريشن دوران چئن جوابدارن نادر ڏاڏا، علي دبئي، سعيد مستانه ۽ ساجد کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن مان ذاڪر ڏاڏا جو تعلق بابا لاڏلا گروپ سان آهي، جڏهن ته نادر ڏاڏا گبول پارڪ مان نيٽ ورڪ هلائيندو هو.

پوليس موجب ساجد، سعيد مستانه ۽ جوابداره ممي بيبي منشيات جو اڏو هلائيندا هئا، جن کان منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*