اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ گهر گهر وڃي ووٽر لسٽون اپ گريڊ ڪرڻ وارو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو

Election-Karachi-28716

اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ گهر گهر وڃي ووٽر لسٽون اپ گريڊ ڪرڻ وارو  شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي 10 آگسٽ کان ووٽر لسٽن جي تصديق وارو عمل شروع ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن پهرين آگسٽ کان سڄي ملڪ ۾ گهر گهر وڃي ووٽر لسٽون اپڊيٽ ڪرڻ جو شيڊول جاري ڪيو هو، جيڪو هاڻي خاموشي سان تبديل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، نئين شيڊول تحت گهر گهر وڃي ووٽر لسٽن جي تصديق وارو مرحلو هاڻي 10 آگسٽ کان شروع ڪيو ويندو، جيڪو 15 ڏينهن اندر مڪمل  ڪيو  ويندو.

ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن جي عملي کي ووٽر لسٽن جي فهرست اپگريڊ دوران سڪيورٽي به فراهم ڪئي ويندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*