ملڪ مختلف ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس جاري

Ministry-Of-Affairs-1816

ملڪ مختلف ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ ڪشمير سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو پيو وڃي، ڪانفرنس جي آخري سيشن کي وزيراعظم نواز شريف به خطاب ڪندو.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي کاتي جي آفيس ۾ جاري سفيرن جي ڪانفرنس جي صدارت وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ڪري رهيو آهي.

ڪانفرنس ۾ آمريڪا، روس، چين، افغانستان، ڀارت، بيلجيم، جنيوا ۽ ٻين ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفير شريڪ آهن، جيڪي پنهنجي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندا.

ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني ايلچي مليحه لوڌي به شريڪ آهي.

سفيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪشمير سميت ٻيا اهم نوعيت جا معاملا عالمي فورم تي اٿارڻ سميت اهم معاملن تي ويچاريو پيو وڃي.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نواز شريف ڪانفرنس جي آخري سيشن کي خطاب ڪندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*