لاهور مان وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙي گم ٿي وئي

lahore-Bachi-Agwa-1816

لاهور مان وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙي گم ٿي وئي، پوليس سمن آباد ۽ گلبرگ وارن علائقن مان گم ٿيل ٻن ٻارڙن کي هٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

انارڪلي بازار ۾ پيءُ سان گڏ شاپنگ لاءِ آيل ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙي جنت پر اسرار نموني گم ٿي وئي، نينگري جي پيءُ جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪرين نينگري جي ڳولا شروع ڪئي وئي.

هوڏانهن پوليس سمن آباد مان گم ٿيل 7 ورهين جي نينگر حيدر کي ڊفينس واري علائقي مان هٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گلبرگ واري علائقي مان پر اسرار نموني گم ٿيل 4 ورهين جي ٻارڙي نور فاطمه کي به گشتي پوليس هٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*