سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه دبئي ۾ آصف علي زرداري سان ملاقات کانپوءِ واپس ڪراچي پهچي ويو

Murad-Ali-Shah-28716

سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه دبئي ۾ آصف علي زرداري سان ملاقات کانپوءِ واپس ڪراچي پهچي ويو آهي، رينجرز جي مقرري ۽ اختيارن ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه دبئي پهچي پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ واپس ڪراچي پهچي ويو آهي.

ترجمان سي ايم هائوس موجب مراد علي شاهه قائد ايوان بڻائڻ تي آصف علي زرداري جا ٿورا مڃيا.

ترجمان سي ايم هائوس موجب ملاقات دوران امن امان واري صورتحال ۽ سياسي معاملن سميت صوبي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه، آصف زرداري سان مخاطب ٿيندي چيو ته سندس رهنمائي ۾ سنڌ اندر گڊ گورننس قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

وڏي وزير چيو ته هو سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ سان گڏ پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري وڏي وزير کي رينجرز وارا معاملا فوري طور تي حل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

ذريعن موجب سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري ۽ اختيارن ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿيڻ جو اڄ امڪان آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*