پشاور جي علائقي يڪه تو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳجهي اداري جو آفيسر ۽ ٻارڙو مارجي ويا

Peshawar-Police-Death-1816

پشاور جي علائقي يڪه تو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳجهي اداري جو آفيسر ۽ ٻارڙو مارجي ويا.

پشاور جي يڪه توت واري علائقي ۾ وزير باغ روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيو.

مارجي ويل جي لاش پوسٽ مارٽم  ۽ زخمي ٻارڙي کي طبي امداد لاءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي ٻارڙو به زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جي سڃاڻپ عثمان گل آفريدي جي نالي سان ڪئي وئي، جيڪو ڳجهي اداري ۾ انسپيڪٽر طور مقرر هو.

 واقعي بعد پوليس علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*