ڪوئيٽا جي علائقي سرياب روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

Quetta-map-1816

ڪوئيٽا جي علائقي سرياب روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن هڪ رڪشا تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته ٻئي ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ غلام نبي ۽ محمد نبي جي نالن ٿي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*