مورو پوليس، 14 ورهين جي معصوم ٻارڙي کي موٽر سائيڪل جي چوري واري ڪيس ۾ جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو

Moro-Police-1816مورو پوليس، 14 ورهين جي معصوم ٻارڙي کي موٽر سائيڪل جي چوري واري ڪيس ۾ جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو، نينگر جي والد ٻارڙي کي کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

درس پوليس موٽر سائيڪل جي چوري واري واقعي جي جاچ ڪرڻ بدران معصوم ٻارڙي تي ڪيس داخل ڪري سڀ فرض نڀائي ڇڏيا.

ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پورهيت شير خان بهڻ معصوم پٽ فرحان کي ڪـــــڇ تي  کڻي پريس ڪلب پهتو.

پورهيت جو دانهيو ته پوليس شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران بااثرن جي چرچ تي معصوم ٻارڙي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ظلم آهي.

ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻن جي فرياد تي چئن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*