ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽم اختيارين ڪروڙين رپين جو سون اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

karachi-airport11-8

ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽم اختيارين ڪروڙين رپين جو سون اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش  ناڪام بڻائيندي ٻن عورتن سميت ٽن مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڪسٽم عملدارن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ٻن عورتن سميت 3 ڄــــڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڪسٽم عملدارن جو چوڻ آهي ته گرفتار مسافر عورتون سون جي چــُــوڙين کي چاندي جو پاڻي چڙهائي اسمگل ڪري رهيون هيون، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو.

ڪسٽم اختيارين موجب، سون جي قميت هڪ ڪروڙ 36 لک رپيا آهي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*