ڪوٽ غلام محمد پوليس، 7سالن جي نينگري کي پرڻائڻ جي ڪوشش ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٻن نارين سميت گهوٽ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

Kot-Gulam-Case-1816

ڪوٽ غلام محمد پوليس، 7سالن جي نينگري کي پرڻائڻ جي ڪوشش ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٻن نارين سميت گهوٽ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته نارين جو پيءُ موالي آهي، جنهن 2 لک رپين ۾ نينگري کي وڪرو ڪيو.

ڳوٺ عالم هاليپوٽو ۾ ظالم پيءُ پاران 2 لک رپين عيوض وڪرو ڪيل 7 سالن جي ڪريمان سولنگي جي شادي ڪرائي پئي وئي ته پوليس ڪاڄ تي ڇاپو هنيو.

پوليس موجب، ڇاپي دوران ست سالن جي ڪريمه سولنگي، سندس ڀيڻ صوبيا ۽ گهوٽ حاصل هالپوٽو کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جو پيءُ موالي آهي، ٻنهي ڌيئرن کي وڪرو ڪيو هو، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

نينگري ڪريمان سولنگي جو چوڻ آهي ته سندس پيءُ ڌڻي بخش سولنگي 3 سال اڳ به 14 ورهين جي صوبيا کي پئسن عيوض وڪرو ڪيو هو،جنهن کي پيرسن سان پرڻايو ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*