وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه رڳو چئن گاڏين جي پروٽوڪول ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو ڪري آفيسرن ۽ ملازمن جي حاضري چيڪ ڪئي ۽ ملازم دير سان پهچڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

Murad-Ali-Shah-Manzoor-wasah-1816

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڌ کان وڌيڪ پروٽوڪول گهٽائي ڇڏيو، سيد مراد علي شاهه رڳو چئن گاڏين جي پروٽوڪول ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو ڪري آفيسرن ۽ ملازمن جي حاضري چيڪ ڪئي ۽ ملازم دير سان پهچڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ به سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

وڏو وزير سيد مراد علي شاهه گهٽ پروٽوڪول سان سنڌ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو ڪيو، جتي چيف سيڪريٽري سميت مختلف آفيسن جي دورو ڪري ملازمن جو حاضري رڪارڊ چيڪ ڪيو.

وڏي وزير ملازم دير سان پهچڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ملازمن کي وقت جي پابندي جو حڪم ڏنو.

وڏي وزير پنهنجو اڌ کان وڌيڪ پوليس پروٽوڪول به گهٽائي ڇڏيو، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي پروٽوڪول ۾ 9 گاڏيون هونديون هيون پر مراد علي شاهه صرف چئن پوليس گاڏين جي پروٽوڪول ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ پهتو.

وڏي وزير سان اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ به ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ان موقعي تي منظور وساڻ جو چوڻ هو ته سندس تبديلي وارو خواب سچو ثابت ٿيو آهي، جون مهيني ۾ تبديلي نه آئي ته جولاءِ ۾ اچي وئي.

هن چيو ته وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سندس خواب مطابق ڪم ڪندو ته وڏي تبديلي ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*