حڪومت، پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن 1956 جي ايڪٽ ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو

Panama-leaks-1816

حڪومت، پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن 1956 جي ايڪٽ ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ترميم تحت انڪوائري ڪميشن کي نه رڳو ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويندو پر ان وٽ ڪيس داخل ڪرڻ جو به اختيار هوندو.

ذريعن موجب  پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽي او آر طئي ڪرڻ بابت حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڊيڊلاڪ برقرار آهي، حڪومت پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن تي اپوزيشن جا اعتراض ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت انڪوائري ڪميشن ايڪٽ 1956 ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ترميمي بل پيش ڪيو ويندو.

امڪاني ترميم تحت انڪوائري ڪميشن جي اختيارن ۾ واڌ ڪئي ويندي، پهريان ڪميشن وٽ رڳو جاچ ڪرڻ ۽ سفارشون تيار ڪرڻ جو اختيار هو پر ترميم کانپوءِ انڪوائري ڪميشن ڪيس داخل ڪرائي سگهندي ۽ ان وٽ ڪارروائي جو اختيار به هوندو.

ذريعن موجب، انڪوائري ڪميشن وٽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ايف آءِ آر جا قلم طئي ڪرڻ جو به اختيار حاصل هوندو.

واضح رهي ته اپوزيشن 1956 واري ايڪٽ تحت ڪميشن کي بي اختيار قرار ڏيندي رد ڪيو هو، جنهن بعد حڪومت ترميم جو فيصلو ڪيو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*