رحيم يار خان جي عدالت ٽارچر سيل هلائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل بااثر شخص ڪامران عرف ڪامي شاهه ۽ سندس 7 ساٿين کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

Rahim-Yar-Khan-25616

رحيم يار خان جي عدالت ٽارچر سيل هلائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل بااثر شخص ڪامران عرف ڪامي شاهه ۽ سندس 7 ساٿين کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

رحيم يار خان پوليس پاران ٽارچر سيل هلائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل بااثر شخص ڪامران ۽ سندس 7 ساٿين کي سول جج مهر محمد امجد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار رحيم يار خان جي علائقي سيٽ لائيٽ ٽائون ۾ ٽارچر سيل هلائيندو آهي، جتي ماڻهن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.

پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کان جاچ لاءِ 14 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪيو وڃي.

عدالت، پوليس جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ واري استدعا رد ڪندي جوابدارن کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*