قمبر ۾ پوليس ۾ ڀرتين جي حوالي سان عمر جي حد ۾ گھٽتائي خلاف اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

Kamber-protest-1816

قمبر ۾ پوليس ۾ ڀرتين جي حوالي سان عمر جي حد ۾ گھٽتائي خلاف اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

اياز شاهه، حسن چانڊيو، سڪندر پنهور، امتياز جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته پوليس کاتي ۾ 18 کان 28 سال عمر جي حد مقرر ٿيل هئڻ باوجود قمبر پوليس لائن ڪاغذ نه جمع ڪيا.

هنن چيو ته حڪومت پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرائڻ لاءِ عام ماڻهن کي نظر انداز ڪري رهي آهي، جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس کاتي ۾ ڀرتين لاءِ عمر جي حد 18 کان 28 سال مقرر ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*