سڪرنڊ ۽ سيتا روڊ ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

Seeta-Road--Electric-Protest-1816

سڪرنڊ ۽ سيتا روڊ ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

سڪرنڊ ۾ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سڪرنڊ شهر ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند ڪري مولابخش لغاري ، عبدالرشيد ڪيريو ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

سيتا روڊ ۾ به شهرين سيپڪو جي زيادتين خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، جهن دوران نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هنن چيو ته حيسڪو عملدار ڳرا بل اماڻي سندن جيئڻ تنگ ڪري رهيا آهن، جيڪو ظلم آهي.

شهرين مطالبو ڪيو ته بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي واڌو بل اماڻيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ هلائي ويندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*