ٺل ۾ هاءِ اسڪول جي بلڊنگ زبون حال هئڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو

Thul-Studio-1816

ٺل ۾ هاءِ اسڪول جي بلڊنگ زبون حال هئڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميرپور ٻرڙو هاءِ اسڪول جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار هئڻ سبب ڪلاس رومن جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آهي.

Thul-School-2-1816

استادن ۽ شاگردن اعجاز احمد ٻرڙو، ذاڪر علي، رحيمداد، خالد، اسدالله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته اٺن شاگردن جي زخمي ٿيڻ باوجود تعليم کاتي عمارت جي مرمتي ڪم لاءِ قدم ناهي کنيو.

هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي بلڊنگ نئين سر تعمير ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي………………

Thul-school-1--1-816

لياقت علي، اعجاز سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا جن کي ميرپور جي سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرائڻ بعد شاگردن کي گھر موڪليو ويو، هنن اعليٰ اختيارين کان اسڪول جي جلد مرمت ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*