پاناما پيپرز جي گهنٽِي حڪومت جي ڳلي ۾ ٻڌل آهي، جيتري به ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،پ پ سينيٽر اعتزاز احسن

Aitzaz-Ahsan-13716

پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما پيپرز جي گهنٽِي حڪومت جي ڳلي ۾ ٻڌل آهي، جيتري به ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گهنٽِي وڄندي رهندي، پ پ هلندڙ مهيني احتجاج بابت حڪمت عملي جوڙيندي، احتجاج ڪندڙ مختلف پارٽيون گڏجي به سگهن ٿيون.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته جن ماڻهن جو نالو پاناما ليڪس ۾ آيو آهي، انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته حقيقت ۾ نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪري رهيا آهن، پاناما پيپرز جي گهنٽِي حڪومت جي ڳلي ۾ ٻڌل آهي، جيترو به ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها وڄندي ئي رهندي.

سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته پيپلز پارٽي هلندڙ مهيني احتجاج جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندي، ٿي سگهي ٿو ته مختلف سياسي پارٽين جو احتجاج بعد ۾ هڪ ٿي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*