وزيراعظم نواز شريف سان ايئرچيف مارشل سهيل امان ملاقات ڪري پاڪ فوج جي پيشوراڻي معاملن ۽ آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني

Nawaz-Sharif-Air-Mar-1816

 وزيراعظم نواز شريف سان ايئرچيف مارشل سهيل امان ملاقات ڪري پاڪ فوج جي پيشوراڻي معاملن ۽ آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ملڪ دفاع ۾ هوائي فوج هڪ روشن باب آهي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ملاقات ڪئي، جنهن دوران آپريشن ضرب عضب سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ ۾ هوائي فوج جو ڪردار انتهائي اهم آهي.

وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي کي پيش خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ به هوائي فوج جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*