سي آءِ اي پوليس شڪارپور مدئجي ويجهو پوليس مقابلي ۾ هڪ مبينا ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي

Madaji-Police-1816

سي آءِ اي پوليس شڪارپور مدئجي ويجهو پوليس مقابلي ۾ هڪ مبينا ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، نوجوان جي وارثن الزام هنيو آهي ته پوليس مڇي جي فارم تي ستل نوجوان کي قتل ڪري سندن چئن نوجوانن کي گم ڪري ڇڏيو آهي.

 سي آءِ اي پوليس موجب امروٽ ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي جي نتيجي ۾  نورحسن عرف فتو بروهي مارجي ويو، جنهن جو لاش مدئجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب مارجي ويل جوابدار مٿان ڪنڊيارو، مٽياري، شڪارپور ۽ نوري آباد ۾ ڦر،ڌاڙي ۽ قتل جا ڪيس داخل آهن.

مقتول جي وارثن لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سندن چوڻ آهي ته نوجوان نورحسن بروهي مڇي فارم جو چوڪيدار هو ۽ اتي 4 ساٿين سان گڏ ستل هو پوليس کيس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته پوليس علي حسن سان گڏ مڇي  جي فارم تي ستل رياض، نادر، ديدار ۽ گُلمِير کي گم ڪري ڇڏيو آهي، معاملي جي جاچ ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*