پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته هــُـو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي مَـٿي تي سوار ٿي چڪو آهي

Atezaz-hasan-2816

پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته هــُـو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي مَـٿي تي سوار ٿي چڪو آهي، کيس ڏينهن رات ڇرڪائيندڙ خواب ايندا آهن.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان کي پريس ڪانفرنسز ڪرڻ جو وڏو شوق آهي، پر کيس ڪجهه سنجيدگي جو به مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ٽي او آر ڪميٽي ۾ پيدا ٿيل ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائڻ لاءِ پيپلز پارٽي ڪردار ادا ڪيو، پر حڪومت مسلسل غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي.

اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته پاناماليڪس تي پيپلز پارٽي مثبت ڪردار ادا ڪيو، پر حڪومتي وزيرن کين گهٽ وڌ ڳالهايو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*