گهوٽڪي ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب موبائل مارڪيٽ کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، باهه لڳڻ سبب چئن دڪانن ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو

Ghotki-Fire-2816

گهوٽڪي ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب موبائل مارڪيٽ کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، باهه لڳڻ سبب چئن دڪانن ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي.

موبائل مارڪيٽ ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب لڳي وئي، جنهن چئن دڪانن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

اطلاع تي فائر برگيڊ پهچي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻي ختم ٿي ويو، جنهن بعد او جي ڊي سي ايل مان گهرايل فائر برگيڊ پهچي ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو.

باهه لڳڻ سبب موبائل جي چئن دڪانن ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو………………….

گهوٽڪي: موبائل مارڪيٽ ۾ گئس سلنڊر ڦاٽڻ ڪري باهه لڳي وئي، فائرنگ برگيڊ نه پهتي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*