سپريم ڪورٽ جي حڪمن بعد اٽارني جنرل اشتر اوصاف ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائڻ بابت وفاقي حڪومت جو جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

Supreme-Court-2816

وفاقي حڪومت، سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ آدمشماري ايندڙ سال مارچ ۾  ڪرائي ويندي، ان لاءِ سمورو هوم ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ گهربل فنڊز به جاري ڪيا ويندا.

سپريم ڪورٽ جي حڪمن بعد اٽارني جنرل اشتر اوصاف ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائڻ بابت وفاقي حڪومت جو جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو   آهي.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ آدمشماري فوري طور تي نٿي ڪرائي سگهجي، ڇو ته پاڪ فوج آپريشن ضرب عضب ۾ مصروف آهي.

اٽارني جنرل چيو ته شماريات ڊويزن جي تجويز کانپوءِ مارچ 2017 ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ هوم ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گهربل فنڊز به جاري ڪيا ويندا.

جواب ۾ چيو ويو ته وفاقي حڪومت فوج جي نگراني ۾ آدمشماري ڪرائڻ چاهي ٿي، مارچ 2017 ۾ آدمشماري ڪرائڻ لاءِ فوج جي مقرري جو جائزو ورتو ويندو.

جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آدمشماري ڪرائڻ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اختيار آهي، ان ڪري سي سي آءِ کان به منظوري ورتي ويندي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ، وفاقي حڪومت کان آدمشماري ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ بابت لکت ۾ جواب طلب ڪيو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*