خيرپور سول اسپتال ۾ نرس سان ڊاڪٽر جي بدتميزي خلاف پيراميڊيڪل اسٽاف پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو

khairpur-map10-8

خيرپور سول اسپتال ۾ نرس سان ڊاڪٽر جي بدتميزي خلاف پيراميڊيڪل اسٽاف پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان ڊاڪٽر خوش محمد سوهو خلاف سول اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ جسقم اڳواڻ امجد مهيسر سميت ٻين شرڪت ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر خوش محمد سوهو پيرا ميڊيڪل اسٽاف سان اڍنگو رويو اختيار ڪري ٿو، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

هنن چتاءُ ڏنو ته لاڳاپيل ڊاڪٽر عملي سان رويو بهتر نه ڪيو ته احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*