سنڌ هاءِ ڪورٽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ٻڌڻ وارن ٽن ڪيسن ۾ متحده اڳواڻ خواجا اظهار الحسن ۽ قمر منصور جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور
سنڌ هاءِ ڪورٽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ٻڌڻ وارن ٽن ڪيسن ۾ متحده اڳواڻ خواجا اظهار الحسن ۽ قمر منصور جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪندي 50-50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ ۽ 10 ڏينهن اندتر ٽرائل ڪورٽ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.
متحده اڳواڻ خواجا اظهار الحسن ۽ قمر منصور جي چڙ ڏياريندڙ تقرير ٻڌڻ وارن ٽن ڌار ڌار ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.
عدالت ٻنهي اڳواڻن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کين 50-50 هزار رپين جي مچلڪا جمع ڪرائڻ ۽ 10 ڏينهن اندر ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
خواجا اظهار الحسن ۽ قمر منصور خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير ٻڌڻ وارا 3 ڪيس مختلف ٿاڻن تي داخل آهن.