شامي ريسيڪو عملي الزام مڙهيو آهي ته اِدلب واري علائقي ۾ هيليڪاپٽر مان زهريلي گيس جا ڪنٽينر اڇلايا ويا

MIDEAST-CRISIS-SYRIA-IDLIB-2816

شامي ريسيڪو عملي الزام مڙهيو آهي ته اِدلب واري علائقي ۾ هيليڪاپٽر مان زهريلي گيس جا ڪنٽينر اڇلايا ويا آهن،

جن سان عورتن ۽ ٻارڙن سميت 33 ڄڻا متاثر ٿيا آهن. سيريا ســِول ڊفينس جي ترجمان موجب اِدلب جي علائقي ساراقيب ۾ هڪ هيليڪاپٽر مان زهريلي گيس جا ڊٻا اڇلايا ويا. گروپ پاران يو ٽيوب تي ويڊيو به اپلوڊ ڪئي وئي آهي،

جنهن ۾ زهريلي گيس کان متاثر ماڻهو آڪسيجن گيس جا ماسڪ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

جنهن علائقي ۾ زهريلي گيس اڇلائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، اتي ڪجهه ڏينهن اڳ روسي هيليڪاپٽر تباهه ڪيو ويو هو. شامي حڪومت توڙي روسي عملدارن پاران ان حوالي سان ڪوبه بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*