لاهور جي نجي هوٽل ۾ مبينا طور قتل ڪيل شاگردياڻي رابعه ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس جو موبائيل فون ڊيٽا هٿ ڪري ساڻس آخري ڀيرو رابطو ڪندڙ جوابدار جو پتو لڳائي ورتو

Lahore-Girl-Death-2816

لاهور جي نجي هوٽل ۾ مبينا طور قتل ڪيل شاگردياڻي رابعه ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس جو موبائيل فون ڊيٽا هٿ ڪري ساڻس آخري ڀيرو رابطو ڪندڙ جوابدار جو پتو لڳائي ورتو آهي.

پوليس پاران لاهور جي علائقي مال روڊ تي قائم نجي هوٽل جي واش روم مان هٿ آيل شاگردياڻي رابعه جو لاش ملڻ واري معاملي جي جاچ جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته رابعه جي موبائيل فون جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن مان پتو پئجي ويو آهي ته ساڻنس آخري رابطو عامر خٽڪ نالي شخص سان ٿيو هو.

پوليس موجب، عامر خٽڪ سان رابطو ٿيو آهي، جيڪو هڪ لاهور ۾ رهندو آهي ۽ سرڪاري ملازم آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عامر خٽڪ ٻڌايو آهي ته رابعه کيس فون ڪري هوٽل تي گهرايو هو، جنهن کان انڪار ڪيو هو ۽ رابطي جي ڪجهه گهڙين بعد کيس خبر پئي ته رابعه جو هوٽل مان لاش مليو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*