قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه گهرواري جي طبيعت خراب هئڻ سبب دبئي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي

Khursheed-Shah-11716

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه گهرواري جي طبيعت خراب هئڻ سبب دبئي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پ پ جي شريڪ چيئرمين جي طلب ڪرڻ تي سنڌ جو اطلاعات بابت صلاحڪار مولابخش چانڊيو دبئي روانو ٿي ويو آهي.

پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سنڌ جي اطلاعات واري صلاحڪار مولابخش چانڊئي کي اهم معاملن تي مشاورت لاءِ دبئي طلب ڪيو هو.

ذريعن موجب خورشيد شاهه کي اڄ دبئي روانو ٿيڻو هو پر گهرواريءَ جي طبيعت خراب هئڻ سبب خورشيد شاهه دبئي روانگي وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

آصف علي زرداري جي طلب ڪرڻ تي سنڌ جو اطلاعات وارو صلاحڪار مولابخش چانڊيو دبئي روانو ٿي ويو آهي.

مولابخش چانڊيو آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران سنڌ ۾ پ پ جي نئين سر تنظيم سازي سميت اهم معاملن تي مشاورت ڪئي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*