مولانا فضل الرحمان حڪومت کي فوجي عدالتن ۾ واڌ جو آپشن ختم ڪرڻ بابت تجويز ڏئي ڇڏي

21هين آئيني ترميمي بل تي خدشا ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي ليگل ٽيم جي ميمبرن پرويز رشيد ۽ بيئرسٽر ظفر الله، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي، مولانا فضل الرحمان بل جي حمايت لاءِ 3 تجويزون ڏنيون آهن.

پرويز رشيد ۽ بيئرسٽر ظفرالله، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري سندس خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانافضل الرحمان 21هين آئيني ترميمي بل جي منظوري لاءِ 3 تجويزون ڏنيون آهن، جنهن ۾ پهرين تجويز فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جو حق ڏيڻ شامل آهي.

مولانا فضل الرحمان فوجي عدالتن جو مدو 2 سال ختم ٿيڻ کانپوءِ ان ۾ واڌ جو آپشن ختم ڪرڻ ۽ دهشتگردي سان گڏ مذهبي توڙي فرقيواريت جو لفظ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

گذريل ڏينهن مولانا فضل الرحمان 21هين آئيني ترميمي بل تي خدشن جو اظهار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ 21هين آئيني ترميمي وارو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش نه ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*