دهشتگردي خلاف سموري قوم متحد ٿي وئي آهي عمران خان

تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان لنڊن جي دوري بعد اسلام آباد پهچي ويو آهي، عمران خان چيو ته شادي ڪرڻ ڏوهه نه آهي ۽ هو اڄ ان حوالي سان اهم اعلان ڪندو.

عمران خان لنڊن جي ٻن ڏينهن جي دوري بعد اسلام آباد پهچي ويو آهي، اسلام آباد ايئر پورٽ ۽ لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته شادي ڪرڻ ڏوهه نه آهي ۽ نه ئي اها لڪائڻ جي ڳالهه آهي.

عمران خان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هو شادي جي حوالي سان اڄ اهم اعلان ڪندو.

عمران خان چيو ته دهشتگردي خلاف سموري قوم متحد ٿي وئي آهي ۽ عدالتي ڪميشن جي قيام کانپوءِ هو اسيمبلين ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪندا.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*