ملڪ ۾ غير معمولي حالتون آهن امن امان جي فراهمي يقيني بڻائڻي آهي وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته دهشتگردي جو خاتمو ۽ امن امان جي فراهمي يقيني بڻائڻي آهي، غير معمولي حالتون آهن، انڪري فوجي عدالتون ضروري آهن.

پارليامينٽ هائوس ۾ ناشتي جي دعوت دوران ن ليگ ميمبرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته هو دهشتگردي خلاف متحد آهن ۽ متحد ٿي ڪري دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو آهي.

وزيراعظم چيو ته سمورا اتحادي ساڻن گڏ آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي اختلاف آهن ته ايوان ۾ پيش ڪري.

هن اسيمبلي ميمبرن کي تڪن ۾ وڃي عوام کي آگاهي ڏيڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته امن امان جي فراهمي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو.

وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ غير معمولي حالتون آهن ۽ اهڙين حالتن ۾ فوجي عدالتون ضروري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*