ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين سان گرفتار شريڪ جوابدارن رئوف صديقي ۽ انيس قائمخاني جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

atc court

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين سان گرفتار شريڪ جوابدارن رئوف صديقي ۽ انيس قائمخاني جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، عدالت ٻنهي جي درخواستن تي گذريل هفتي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين سان شريڪ جوابدارن پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ انيس قائمخاني ۽ متحده جي رئوف صديقي جي ضمانت وارين درخواستن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ نامزد وسيم اختر، ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ عثمان معظم کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت انيس قائمخاني ۽ رئوف صديقي جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

ٻنهي اڳواڻن عبوري ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايون هيون، جن تي عدالت گذريل هفتي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*