وفاقي گهرو وزارت، رينجرز اختيارن ۾ واڌ بابت سنڌ سرڪار جو نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ واري خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي

chodhari-nisar-03-8

وفاقي گهرو وزارت، رينجرز اختيارن ۾ واڌ بابت سنڌ سرڪار جو نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ واري خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته قانوني ماهرن سنڌ سرڪار پاران اماڻيل نوٽيفڪيشن ۾ تضاد جي نشاندهي ڪئي آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اڄ اجلاس کانپوءِ ان معاملي تي حتمي فيصلو ڪندو.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت جا رينجرز اختيارن جي حوالي سان بيان ۽ تنقيد حيران ڪندڙ ۽ سمجهه کان ٻاهر آهي.

هـُن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان رينجرز سنڌ ۾ بنا اختيارن جي موجود هئي، وفاقي گهرو وزارت پاران ڪيترائي ڀيرا سنڌ سرڪار کي ياد ڏياريو ويو پر ان سلسلي ۾ نه ئي سنڌ حڪومت ڪا اڳڀرائي ڪئي  ۽ نه ئي پ پ قيادت سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو.

وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان چيو ته رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جي حوالي سان وفاقي گهرو وزارت کي گذريل ڏينهن سنڌ سرڪار جو نوٽيفڪيشن مليو هو، جنهن جو   قانوني ماهرن جائزو وٺڻ بعد تضاد جي نشاندهي ڪئي آهي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته وفاقي گهرو وزارت سنڌ سرڪار جو نوٽيفڪيشن رد ناهي ڪيو ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪو باضابطه اعلان ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اڄ اجلاس کانپوءِ فيصلو ڪندو…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*